جهنگل شاهه مست

جهنگل شاهه مست: جهنگل شاهه مست هڪ بزرگ ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو سيد عظيم شاهه بخاري هو. جهنگل شاهه 1904ع ڌاري ڳوٺ مولودي شريف تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. ستن سالن جي عمر ۾ ديني تعليم لاءِ مدرسي ۾ داخل ٿيو. مستاني طبيعت هئڻ ڪري ماڻهو کيس جهنگل شاهه مست سڏيندا هئا. صوفين ۽ درويشن سان سندس صحبت هوندي هئي. صوفين جي مجلسن ۾ اڪثر شريڪ ٿيندو هو. سندس شاعري صوفياڻي رنگ جي آهي. قلندر شهباز جو وڏو عقيدتمند هو. ان جي شان ۾ چيل سندس هيءُ شعر مشهور آهي:
اچي ٿي حال ۾ حاضر، قلندر لال لاهوتي،
سوا تنهنجي نه ٻيو ڪو در، قلندر لال لاهوتي،
چوي ’جهنگل شاهه‘ تو کي هر هر، ملي معافي مٺا منور،
آهيان عاجز تنهنجو سڳدر، قلندر لال لاهوتي.
جهنگل شاهه جي شاعري قلمي صورت ۾ سندس خاندان وٽ موجود آهي. هن بزرگ 24 نومبر 1967ع تي وفات ڪئي. کيس پنهنجي ڳوٺ مولودي شريف ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هر سال 21، 22، 23 شعبان تي ميلو لڳندو آهي.


لفظ جهنگل شاهه مستھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.11.24  عيسوي

هن بزرگ 24 نومبر 1967ع تي وفات ڪئي. کيس پنهنجي ڳوٺ مولودي شريف ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هر سال 21، 22، 23 شعبان تي ميلو لڳندو آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻڍل فقير
احمد شاڪر
سڄڻ قبولائي
صابر علي مير ٺٽوي
سلطان شاهه:
شبنم گل
سوڀراج نرملداس فاني
سامي چئنراءِ لُنڊ
حداد حاجي محمد
ايوب کوسو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون